تين تال

تين تال (وڄت ):هي 16 ماترائن جو تال آهي، جيڪو ٽن ضربن ۽ هڪ خالي جي درميان چئن حصن ۾ ورهايل آهي. پهريون حصو سم، خالي 5 ۽ 9 تي تالي آهي. هي تال سڀني تالن جو سرواڻ سڏبو. پنهنجي خاص قسم جي ضربن ۽ هڪ جهڙين ماترائن سبب تمام خوبصورت ۽ پڙت ۾ عمدو آهي. عام استعمال لاءِ هن ۾ سڀ خوبيون آهن.
ٺيڪو:
1ڌا 2ڌن 3ڌن 4نا – 5ڌا 6ڌا 7ڌن 8نا- 9تا 10تن 11تن 12نا- 13ڌا 14ڌن 15ڌن 16نا-
X 3 0
1
هن ۾ پهرين ماترا سم جي آهي، پنجين ڀريل يا تالي آهي. نائين خالي وري سترهين ماترا ٻئي ٺيڪي جي سم ٿئي ٿي. تاليون 1، 5، ۽ 7 وڄن ٿيون. عام هلڪي ڦلڪي گايڪي، ٺمرين ۽ خيال ۽ درت لئي ۾ به وڄائي سگهبو آهي


لفظ تين تالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو